Jump to content


Photo

پنجاب،خيبرپخونخوا ۽ ڪشمير۾ زمين وري ڌڏي وئي،زلزلي جا زوردار لوڏا،ريڪٽر اسڪيل تي تيزي 5 ڏهائي 9 رڪارڊ

sindhi news pakistan sindhi news

  • Please log in to reply
1 reply to this topic

#1 Hina Saif

Hina Saif

    Newbie

  • New Member
  • 10 posts

Posted 08 January 2016 - 05:49 PM

According Pakistan Sindhi news sources

7.7-magnitude-earthquake-strikes-Pakista

اسلام آباد: پنجاب، خيبرپخونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا زوردار لوڏا آيا آهن، جنهن سبب ماڻهو ڊپ وچان، گهرن ۽ ٻين عمارتن مان ٻاهر نڪري کليل ميدانن ۾ پهچي ويا، ميڊِا رپورٽن مطابق اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، سرگوڌا، چنيوٽ ميانوالي ۽ چڪوال، ڪامونڪي، منڊِ بهائو الدين، سرائي عالمگير، کاريان، لالا موسيٰ، ڦاليا، حافظ آباد، سوڌو مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ان کانسواءِ پشاور، صوابي،اسڪردو، ايبٽ آباد، مانسهره، چترال، نوشهره، مالاڪنڊ،هري پور،سوات، هنگو، شانگلا، دير، خيبر ۽ مهمند ايجنسي ۾ به زلزلي جي زوردار لوڏن سبب  ماڻهن ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،جڏهن ت مظفر آباد سوڌو آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا آيا، زلزلي جي زوردار لوڏن سبب گهرن، آفيسن،دڪانن ۽ ٻين عمارتن مان ماڻهو پنهنجي ٻارڙن سوڌو نڪري کليل ميدانن ۾ اچي ويا، جيڪي قدرتي آفت ٽرڻ لاءِ ڪلمي پاڪ جو ورد ڪندا رهيا، زلزلي جي تيزي ماپيندڙ مرڪز مطابق ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آيل زلزلي جي لوڏن جي تيزي ريڪٽر اسڪيل تي 5 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي،جنهن جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جي سرحد هو،جڏهن ته زمين اندر گهرائي 230 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، شروعاتي خبرن مطابق زلزلي جي لوڏن سبب ڪٿان به ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي ڄاڻ ناهي ملي.

Regarding:- sindhi news



#2 ÅwèXømê Afrídì Smîlé

ÅwèXømê Afrídì Smîlé

    Advanced Member

  • Senior Member
  • 2,640 posts
  • LocationPeshawar

Posted 24 January 2016 - 11:18 AM

اچھا یه سندی زوبان هے میں پورا پڑهے بنا سر کپا رها هوں یه لکھا کیا هے

Btaun tmhe ek nishani UDAAS l0g0n ki
Kbi ghaur krna ye HANSTEY bht hain

1477874_565627646858845_1818080306_n.jpg






Also tagged with one or more of these keywords: sindhi news, pakistan sindhi news

0 user(s) are reading this topic

0 members, 0 guests, 0 anonymous users